فيس بڪ نئين فيچر جي آزمائش شروع ڪري ڇڏي!

نيويارڪ: مقبول ترين سوشل ميڊيا جي سائيٽ فيس بڪ، ٽوئيٽر جي سڀ کان اهم فيچر جي آزمائش شروع ڪري ڇڏي آهي. غير ملڪي ميڊيا جي رپورٽن مطابق هاڻي ٽويٽر تي موجود ٿريڊز جو سلسلو فيس بڪ جي نيوز فيڊ تي متعارف ٿيڻ جو امڪان آهي. في الحال فيس بڪ پاران هي تجرزبو ڪجهه مشهور شخصيتن جي پيجز تي ڪيو آهي. سوشل ميڊيا جي ڪنسلٽنٽ ميٽ نوارا کي سڀ کان پهرين انهي تجربي جو پتو پيو ۽ هن ان جا اسڪرين شاٽس به ٽويٽر تي شيئر ڪيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔