ٿر جي ڪوئل ۽ صدارتي ايوارڊ يافتا لوڪ فنڪاره مائي ڀاڳي جي 35هين ورسي

 حيدرآباد: لوڪ گيتن جي راڻي ۽ صدارتي ايوارڊ يافتا مائي ڀاڳي جي اڄ 35هين ورسي ملهائي پئي وڃي، سرڪاري سطح تي ڪابه تقريب نه ٿيڻ ڪري سندس گهرڀاتين مزار تي حاضري ڀري ورسي سادگي سان ملهائي.

مائي ڀاڳي 1920ع ڌاري ٿر ۾ مٺي ڀرسان هڪ ننڍي شهر ڏيپلو جي وهنيون ۾ جنم ورتو. مائي ڀاڳي شروع ۾ پنهنجي ماءُ سان ڳوٺ جي ننڍين ننڍين محفلن ۽ شادين ۾ ڳائيندي هئي. شڪل جي ڪوجھي ۽ قد جي ننڍڙي ڪن تي ھٿ رکي ڳائيندي ھئي. سندس اصل نالو هو ڀاڳ ڀري، پر پوءِ سندس نالو مائي ڀاڳي سان مشهور ٿيو.

مائي ڀاڳي سنڌ جي ننڍي وڏي علائقي سميت ملڪ ۽ ملڪ کان به ٻاهر پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪي آهي. سندس زندگي کان متاثر ٿي محترم عبدالقادر جوڻيجي هڪ ڊرامو ڪاروان پڻ لکيو هو، جيڪو پي ٽي وي تي هلي چڪو آهي. صدارتي ايوارڊ ماڻيندڙ مائي ڀاڳي 7 جولاءِ 1986ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔