ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ کان پوءِ ڀارتي عورت اکين جي روشني واپس اچڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

نئين دهلي: ڀارتي رياست مهاراشٽرا سان تعلق رکندڙ 70 ساله متهورا بائي طرفان دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته ڪورونا ويڪسين جي پهرين ڊوز لڳرائڻ کان پوءِ ان جي اکين جي روشني واپس اچي وئي آهي.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڀارت ۾ ويڪسين جي حوالي سان ماڻهن ۾ غلط فهميون اڃان تائين ختم ناهن ٿي سگهيون. ڀارت ۾ عالمي وبا جي ٻئي لهر جي خراب ٿيندڙ صورتحال جي باوجود به ماڻهو ويڪسين نه پيا لڳرائين. پر مهاراشٽرا جي رهواسڻ متهورا ٻائي جو چوڻ آهي ته ان جي اکين جو نور موتيا جي بيماري سبب هليو ويو هو ۽ هو گذريل 9 سالن کان پنهنجي زندگي اونداهي ۾ گذاري رهي هئي.عورت طرفان ڪيل دعويٰ موجب ڪورونا ويڪسين جو هڪ ڊوز لڳرائڻ کان پوءِ ان جي هڪ اک جي روشني 30 کان 40 سيڪڙو تائين واپس اچي چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔