انگلينڊ جي رانديگرن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ، سمورا قرنطينه منتقل

لنڊن: ڪورونا وبا انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. ست ميمبرن جو ٽيسٽ هاڪاري اچڻ تي سموري ٽيم کي آئسوليشن ۾ اماڻيو ويو آهي.انگلينڊ جي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل بيان موجب انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي 7 ميمبرن جو ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آيو آهي. ميمبرن ۾ ڪرڪيت ٽيم جا 3 رانديگر ۽ چار آفيشلز شامل آهن. اي سي بي طرفان جاري ڪيل بيان موجب ون ڊي سيريز جي ڪپتان اين مورگن سميت 3 رانديگر ۽ چار آفيشلز جو ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آيو آهي. جنهن کان پوءِ سمورا ماڻهو قرنطينه ۾ هليا ويا آهن. جڏهن ته رانديگرن ۽ آفيشلز سان ملندڙ سمورا ماڻهو به آئسوليشن ۾ رهندا.ان حوالي سان انگلينڊ جي ڪرڪيٽ بورڊ چيو آهي ته ٽيم مٿان ڪورونا جي حملي باوجود پاڪستان سان ون ڊي سيريز شيڊول موجب ٿيندي. اين مورگن جي جڳهه بين اسٽوڪس انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت ڪندو. پر ٽي ٽوئنٽي سيريز جي شيڊول ۾ تبديلي ڪئي ويندي جنهن جو باضابطه اعلان ڪيو ويندو. اي سي بي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي خلاف انگلش اسڪواڊ هاڻ آئسوليشن ۾ هليو ويو آهي.پاڪستان جي خلاف ون ڊي ميچز جي سيريز جي لاءِ نئين اسڪواڊ جو اعلان به جلد ڪيو ويندو. واضح رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جي خلاف ٽن ڏينهن واري انٽرنيشنل سيريز جو پهريون ميچ خميس 8 جولاءِ تي ڪارڊف ۾ کيڏيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔