گول گپا کائڻ جي شوقين ڪنوار کي شادي تي گول گپن جو تاج پارايو ويو

نئين دهلي: گول گپا ڪنهن جي به پسند ٿي سگهن ٿا. جڏهن ڳالهه ڪئي وڃي ڀارت جي ته اتي هر گهٽي ۾ گول گپي جا ريڙها نظر ايندا آهن جتي کائيندڙن جون قطارون ڀارت ۾ گول گپن جو احساس ڏيارينديون آهن. پر گول گپن جي لاءِ ايتري پسنديدگي شايد ئي اوهان ڪڏهن ڏٺي هجي جيتري هن تصوير ۾ موجود آهي.سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ عورت کي گول گپن جو تاج ڪنوار کي پارائيندي ڏسي سگهجي ٿو. صرف اهوئي نه پر ڀارتي ڪنوار ڳچي ۽ هٿن ۾ به پارائڻ لاءِ گول گپن جي ئي چونڊ ڪئي آهي. ڪنوار جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي چڪي آهي. جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا صارفين طرفان به دلچسپ تبصرن جي شروعات ٿي چڪي آهي.هڪ صارف ان قدم تي کي عورت جي گول گپن جي پسند سان جوڙيو. جڏهن ته هڪ صارف لکيو ته شادين ۾ گول گپن جو اهو ٽرينڊ مشهور ٿي رهيو آهي. في الحال اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته ڪنوار جي گول گپن جو تاج باقاعده ڪنهن رسم جي تحت پارايو ويو يا پوءِ اها رسم ڪنوار جي گول گپن لاءِ پسند جي طور تي ادا ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔