طالبان افغانستان جي وڌيڪ تيرنهن ضلعن مٿان ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو

ڪابل: افغانستان جي صوبي بدخشان ۾ طالبان وڌيڪ 13 ضلعن مٿان قبضو ڪري ورتو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب افغانستان ۾ طالبان جي فتحن جو سلسلو جاري آهي ۽ طالبان افغانستان جي صوبي بدخشان جي وڌيڪ 13 ضلعن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. طالبان کان شڪست کان پوءِ سوين افغان فوجين پاڙيسري ملڪ تاجڪستان ۾ پناهه وٺي ڇڏي آهي ۽ تاجڪستان به افغان فوجين جي ملڪ ۾ داخلا جي تصديق ڪئي آهي.افغان ميڊيا موجب طالبان سان هلندڙ ويڙهه ۾ 10 فوجي اهلڪار مارجي ويا آهن. جڏهن ته افغان طالبان فورسز جي گاڏين ۽ جديد هٿيارن کي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف افغان فوج 224 طالبان کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. واضح رهي ته افغانستان مان پرڏيهي فوج جي نڪرڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ ان دوران طالبان ۽ مقامي فوج وچ ۾ چڪرين ۾ تيزي اچي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔