ڇا قبضو ڪندڙ ايترا بااثر آھن جو آفيسر ڪجهه نٿا ڪري سگهن: عدالت

سکر: ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضن بابت سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ٻڌڻي ڪئي، ٻيلي کاتي جي زمينن کي زرعي پاڻي فراھم ٿيڻ تي عدالت پاران آبپاشي کاتي تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ويو، ٻڌڻي دوران عدالت مان مسلسل مفرور وڏيرو سرفراز نظاماڻي عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته مون ٻيلي کاتي جي زمين خالي ڪري ڇڏي آھي، چيف ڪنزرويٽر سنڌ قاضي عبدالجبار چيو ته وڏيري سرفراز نظاماڻي 20 ايڪڙ زمين جو چالان جمع ڪرائي 4 ھزار ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو، ٻيلي کاتي جي اڍائي لک کان وڌيڪ زمينن تي قبضا ھئا، چيف ڪنزرويٽر سنڌ جو چوڻ هو ته ھاڻي صرف 17 ھزار ايڪڙ زمين تي قبضو آھي، وڏيرو سرفراز نظاماڻي اسان کي زمين تي پاڻي نه ڏئي رھيو ھو، عدالت چيو ته زمينن تان قبضا مڪمل طور ختم ڪرايا وڃن، وڪيل چيو ته ٻيلي کاتي جي زمينن تي ٻيلي کاتي جي آفيسرن جي ملي ڀڳت سان قبضا ٿيندا آھن، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته قبضو ڪندڙ ايترا بااثر آھن جو آفيسر انھن آڏو بي وس آھن، آبپاشي کاتو ھر ٻڌڻي تي پيش ٿي رپورٽ جمع ڪرائي ته قبضا خورن کي پاڻي فراھمي بند ڪئي وئي آھي،: ٻڌڻي دوران ايس ايس پي ٽنڊو الھيار به پيش ٿيو، چيف انجنيئر ۽ ايڪسيئن ڪوٽڙي بئراج به عدالت ۾ پهتا، گذريل ٻڌڻي تي عدالت چيف انجنيئر ۽ ايڪسيئن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ھئا، عدالت ٻڌڻي 8 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔