شھدادپور: گرفتار 2 افغاني عدالت ۾ پيش، جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

شھدادپور: گرفتار ڪيل ٻن افغاني شھرين جو ٽن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ بعد عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جنهن بعد کين جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪيو ويو. 4 ڏينهن اڳ شھر جي اسٽيشن چوڪ تي ڇاپي دوران گرفتار ڪيل افغانستان جي صوبي لوگار واسي حڪمت پٺاڻ ۽ عبدالغفار پٺاڻ کي رمانڊ پورو ٿيڻ بعد سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪيو ويو، پوليس موجب ڄاڻايل ٻنهي ڄڻن جي افغاني شھري هجڻ جي تصديق لاءِ اسلام آباد نادرا کي لکيو آهي، رپورٽ ناهي پهتي. عدالت سڳوري ٻنهي افغانين کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو، عدالتي حڪم تحت کين ڊسٽرڪٽ جيل سانگهڙ منتقل ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔