بلوچستان کي وفاق نه، پر سنڌ حڪومت مان مسئلو آهي:لياقت شاھواڻي

ڪراچي: بلوچستان کي وفاق نه، پر سنڌ حڪومت مان مسئلو آهي، سنڌ حڪومت بلوچستان جون زمينون بنجر ڪرڻ ۾ رڌل آهي، بلوچستان حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواڻي جا پاڻي مامري ۾ سنڌ سرڪار مٿان الزام، لياقت شاهواڻي چيو آهي ته سنڌ سرڪار گذريل 20 سالن کان بلوچستان کي حصي جو پورو پاڻي نٿي ڏئي، هن وقت به بلوچستان کي 24 سيڪڙو کوٽ سان پاڻي ملي رهيو آهي، ارسا بلوچستان لاءِ 14 هزار ڪيوسڪ پاڻي جاري ڪيو، پر سنڌ مان رڳو 7 هزار ڪيوسڪ پاڻي بلوچستان کي ملي رهيو آهي، 94ع واري معاهدي ۾ بلوچستان ۽ ڪي پي کي کوٽ کان آجو قرار ڏنو ويو آهي، سنڌ سرڪار اڃا تائين اُن کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔