ڪنڌڪوٽ ۾ 2 نارين کي کير ۾ نشو ملائي مبينا زيادتي جو انڪشاف

ڪنڌڪوٽ: ڪنڌڪوٽ ۾ هڪ مهينو اڳ 2 نارين کي کير ۾ نشو ملائي مبينا زيادتي جو انڪشاف، ميڊيا سينٽر آڏو نارين وارثن سميت احتجاج ۽ پريس ڪانفرنس دوران انصاف جو مطالبو ڪيو، متاثر نارين جو چوڻ آهي ته هڪ مهينو اڳ 4 جوابدارن صمد، شبير، سراج ۽ حفيظ ڀٽو عورت سان ملي کير ۾ نشو ملائي پوري رات اسان کي حوس جو نشانو بڻايو، جوابدار حراسان ڪري پوليس ۽ ميڊيڪل ڪرائڻ به نه ڇڏيو زوري تر جي وڏيرن سان ملي ڪري فيصلو ڪرايو، متاثر نارين جو چوڻ آهي ته فيصلي بعد جوابدار ٻيهر بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، ڳوٺ ڏي لڏي وياسين ان باوجود جوابدار جند نه پيا ڇڏين، متاثر ناريون اربيلي ۽ رشيده پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سندن مڙس غريب پورهيت آهن ڪو به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ايس ايس پي وٽ به وياسين، جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔