سنڌ سرڪار طرفان دودو ڀيل جو ڪيس وڙهڻ ۽ سندس گهرڀاتين کي ٿرڪول ۾ نوڪري ڏيارڻ جو اعلان

ڪراچي: سنڌ سرڪار طرفان دودو ڀيل جو ڪيس وڙهڻ ۽ سندس گهرڀاتين کي ٿرڪول ۾ نوڪري ڏيارڻ جو اعلان، ان سلسلي ۾ دودو ڀيل ڪيس بابت حڪومتي ڪميٽي جي ميمبرز امتياز شيخ، سردار شاهه ۽ تيمور ٽالپر گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته دودو ڀيل جي وارثن سان گڏ بيٺل آهيون، چوري جو ڪيس پنهنجي جاءِ تي، پر تشدد کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿو ڪري سگهجي، دودو ڀيل جي وارثن کي هڪ ڪروڙ ۽ زخمي پورهيتن کي 50، 50 لک رُپيا معاوضو ڏنو ويندو. پ پ چئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نوٽيس وٺڻ ۽ ان جي هدايت تي اسلام ڪوٽ ۾ دودو ڀيل جي قتل واري معاملي تي جوڙيل جاچ ڪاميٽي جو چوڻ آهي ته دودو ڀيل سان جيڪو به ٿيو غلط ٿيو، جنهن به زيادتي ڪئي ان خلاف ڪاروائي ضرور ٿيندي، سنڌ سرڪار جي سخت هدايتن تي 8 گارڊز کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ڪمانڊر ڪاشف ۽ هڪ خانگي مئنيجر کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير امتياز شيخ، سردار شاهه ۽ ٻين چيو ته سيڪيورٽي انچارج کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ ان کي فارغ ڪرڻ لاءِ سفارش ڪئي آهي، اتان جي سيڪيورٽي گارڊن کي به فارغ ڪيو ويو آهي، جاچ ڪميٽي جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار مقتول دودو ڀيل جي وارثن سان گڏ آهي، ۽ دودو ڀيل جي وارثن کي نوڪري ڏيندي، ۽ ان جي خاندان جي ڪفالت به ڪندي، جاچ ڪميٽي جو چوڻ آهي ته ٿر اسانجو آهي، ٿر واسين جو محبتون آهن، اهڙي افسوسناڪ واقعي تي پ پ چيئرمين فوري طور تي نوٽيس ورتو آهي، هنن چيو ته فوتي دودو ڀيل جي وارثن کي هڪ ڪروڙ معاوضو ڏنو ويندو ۽ ٻين زخمين کي 50 هزار روپيا امداد ڏني ويندي، اسلاام ڪوٽ سي پيڪ منصوبو آهي، واقعي کانپوءِ پي ٽي آءِ پنهنجي سياست چمڪائي رهي آهي پر ائين ڪڏهن به ٿيڻ نه ڏبو، جاچ ڪميٽي جو چوڻ آهي ته جن مٿان قتل جو ڪيس داخل ٿيو انهن هاءِ ڪورٽ مان ضمانت وٺي ڇڏي، ڪمانڊر ڪاشف، هڪ انجنيئر ۽ هڪ ٻي شخص کي ضمانت باوجود پڇا ڳاڇا لاءِ سڏايو ويو آھي، ڪمپني جي سيڪيورٽي انچارج ڪمانڊر ڪاشف کي برطرف ڪيو ويو آهي، مقتول جي جسم تي تشدد جا نشان موجود آهن، ان کان سواءِ ٻين ملوث ماڻهن کي به نوڪرين مان ڪڍيو ويو آهي، دودو ڀيل جي قتل تي ماڻهن سخت احتجاج ڪيو، اسان دودو ڀيل جي وارثن سان سان گڏ بيٺل آهيون، چوري جو واقعو پنهنجي جائي تي پر جيڪو تشدد ڪيو ويو اهو قابل قبول ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔