پاڻي تڪرار: بلوچستان ناانصافي ٿو سمجهي ته ڀل متبادل ڳولي: سهيل انور سيال

ڪراچي: آبپاشي واري وزير سهيل انور سيال بلوچستان حڪومت کي پاڻي چوري ڪرڻ وارن الزامن تي رد عمل طاهر ڪندي چيو آهي ته گڊو بئراج وٽ جڏهن هڪ لک 89 هزار ڪيوسڪ پاڻي هوندو تڏهن بلوچستان کي ڪينال ۾ پاڻي ملي سگهندو آهي، هن وقت گڊو وٽ چاليهه سيڪڙو پاڻي کوٽ آهي، ان ڪري بلوچستان جا الزام غلط آهن. پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير چيو ته سنڌ ڪنهن جو پاڻي چوري نه پئي ڪري پر پاڻ پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، افسوس آهي ته بلوچستان جي وزير غيرذميواراڻو بيان ڏنو آهي، بلوچستان حڪومت جو ترجمان ارسا جي زبان ڳالهائي رهيو آهي، هي نااهلي پنجاب نه پر ارسا جي آهي. هن چيو ته بلوچستان جو پاڻي گڊو ۽ سکر بيراج مان وڃي ٿو، جيڪڏهن بلوچستان سمجهي ٿو ته ناانصافي ٿي رهي آهي ته ڀلي ڪو متبادل ڳولي، مون پاڻ بلوچستان کي آفر ڪئي ته ڪينال پڪا ڪرائي ڏيون پر هنن نه مڃي، پي ٽي آئي نفرت جي سياست چاهي ٿي پر اسان ڪوبه غيرذميواراڻو بيان نه ڏينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔