چريا نه آهيون جو جِن خلاف جدوجهد ڪئي، اُنهن سان ئي ڊيل ڪريون:مريم نواز

اسلام آباد : نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته چريا نه آهيون جو جِن خلاف جدوجهد ڪئي، اُنهن سان ئي ڊيل ڪريون، الله کي خبر آهي ته حڪومت ڪڏهن ويندي، پر حڪومت وئي ته واپس نه ايندي، نواز ليگ ۽ شريف خاندان ۾ ڪي به اختلاف نه آهن، ميڊيا سان ڳالھائيندي مريم نواز چيو تھ شهباز شريف بابت شاهد خاقان جي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ نواز ليگ جي پوزيشن مضبوط آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ چونڊ مهم لاءِ آزاد ڪشمير وينديس ته سڀ ڪجهه ظاهر ٿي ويندو، ووٽ چوري جي ڪوشش ڪئي وئي ته اُن جا اڳرا نتيجا نڪرندا، حڪمران عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آھن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔