سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جون پگهارون وڌائي ڇڏيون، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي: سنڌ حڪومت نئين مالي سال ۾ سرڪاري ملازمن جون 20 سيڪڙو پگهارون وڌائڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. گريڊ هڪ کان 5 گريڊ تائين جي ملازمن کي پگهارون وڌائڻ سان گڏ ذاتي الائونس به ڏنو ويندو. گريڊ هڪ جي ملازمن کي 1900 رپيا. گريڊ 2 جي ملازمن کي 1500 رپيا. گريڊ 3 جي ملازمن کي 900. گريڊ 4 ۽ گريڊ 5 جي ملازمن کي 250-250 رپيا ذاتي الائونس تحت پگهارن سان گڏ ماهوار بنياد تي ڏنا ويندا. گريڊ هڪ کان گريڊ 22 گريڊ تائين ملازمن ۽ ڪامورن کي هلندڙ مهني جي پگهارن سان گڏ واڌو الائونس ۽ 20 سيڪڙو اضافي سان پگهارون ادا ڪيون وينديون. سنڌ حڪومت هلندڙ نئين مالي سال ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 20 سيڪڙو پگهارون وڌايون ويون هيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔