سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي قيادت سوڌو 500 ڪارڪن هنگامن، ملڪيتون ساڙڻ ۽ ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث قرار

ڪراچي : ملير پوليس بحريه ٽائون ڌرڻي ڪيس جو عبوري چالان ڪراچي جِي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي قيادت سوڌو 500 ڪارڪن هنگامن، ملڪيتون ساڙڻ ۽ ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث قرار ڏنا ويا آھن، پوليس چالان موجب جسقم چيئرمين صنعان قريشي ڪارڪنن کي هنگامن لاءِ ڀڙڪائڻ ۾ ملوث آهي، چالان ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي، جلال محمود شاهه ۽ خالق جوڻيجو سوڌو سوين قومپرست ڪارڪن روپوش قرار ڏنا ويا آھن. ٻئي پاسي پوليس صنعان قريشي سميت گرفتار 165 ڪارڪنن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش نه ڪيو، قومپرست ڪارڪنن جا وڪيلن ۽ وارث عدالت ۾ انتظار ڪرڻ بعد واپس هليا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔