مزار قائد بيحرمتي ڪيس: مريم نواز ۽ ڪئپٽن (ر) صفدر خلاف ڪارروائي جي درخواست رد

ڪراچي: جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ڪئپٽن (ر) صفدر، مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز، مريم اورنگزيب ۽ ٻين خلاف مزار قائد جو تقدس پائمال ڪرڻ ۽ مزار جي اندر لوهه جي گرلن کي ٽوڙڻ جي الزام هيٺ مزار قائد مئنجمينٽ بورڊ پاران داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه مزار قائد مئنجمينٽ بورڊ جي ايڊمنسٽريٽر غلام اڪبر ميمڻ پاران درخواست داخل ڪئي وئي هئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته 18 آڪٽوبر تي نواز ليگ اڳواڻن قائد اعظم جي مزار تي حاضري دوران شديد نعريبازي ڪري مزار جو تقدس پائمال ڪيو. جوابدارن مزار جي گرل ٽوڙي ۽ نقصان به پهچايو جنهن تحت جوابدارن خلاف فوجداري تحت ڪيس ٺهي ٿو. درخواستگذار پاران داخل ڪيل درخواست ۾ مريم نواز، ڪئپٽن (ر) صفدر، مريم اورنگزيب ۽ ٻين خلاف ڪارروائي جي استدعا ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔