ڪراچي ۾ 3 پوليس مقابلا، ڦورن هٿان شهري قتل، شڪارپور واسي جوابدار مارجي ويو

ڪراچي: ڪراچي ۾ 3 پوليس مقابلا، ڦورن هٿان شهري قتل، شڪارپور واسي جوابدار مارجي ويو، هڪ زخمي حالت ۾ گرفتار، 3 پوليس اهلڪار زخمي، ڊي ايس پي سچل علي حسن شيخ موجب سپرهاءِ وي تي جمالي پل وٽ موٽرسائيڪل سوار 2 ھٿياربندن ھڪ شھري کان ڦرلٽ ڪئي ۽ مزاحمت تي کيس گولي ھڻي ماري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پھچي ڦورن جو پيڇو ڪيو ته انھن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنھن جي نتيجي ۾ اھلڪار نواب ولد گل حسن ۽ وسيم پٽ رياض زخمي ٿي پيا، جوابي فائرنگ ۾ ھڪ ڦورو به مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ احمد الدين پٽ نطف الله پنهور طور ٿي، جيڪو شڪارپور سان تعلق رکي ٿو، سندس ساٿي فرار ٿي ويو. ڊي ايس پي موجب زخمي اھلڪارن ۽ مارجي ويل ڦورو ۽ شهري جا لاش ۽ زخمي اهلڪارن کي اسپتال منقتل ڪيو ويو. پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي. هوڏانهن الفلاح ٿاڻي جي حد جمعه ڳوٺ وٽ ندي بند وٽ مقابلو ٿيو، پوليس موجب 6 کان 7 هٿياربندن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ اهلڪار فاروق پٽ الاهي داد زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ڪجهه هٿياربند زخمي پڻ ٿيا پر اهي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا آهن. ٻئي طرف شاهه فيصل ڪالوني ۾ ڪربلا امام بارگاهه وٽ پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ مقابلو ٿيو، ففائرنگ جي ڏي وٺ بعد هڪ جوابدار بشير احمد پٽ غلام مصطفيٰ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا آهن، جوابدار جي قبضي مان پسٽل ۽ 4 رائونڊ هٿ ڪيا ويا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔