نيويارڪ فليٽس نيب انڪوائري ۾ آصف زرداري جِي حفاظتي ضمانت واري درخواست رد

اسلام آباد: نيويارڪ فليٽس نيب انڪوائري ۾ آصف زرداري جِي حفاظتي ضمانت واري درخواست رد، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر جِي غير حاضري سبب درخواست رد ڪري ڇڏي، پيشي لاءِ 2 ڏينهن جِي مهلت ڏيڻ کان به انڪار ڪيو ويو ھي، درخواستگذار جَي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ٻڌايو ته آصف زرداري بيماري سبب اسپتال داخل آهي، نيب کيس طلبي جا نوٽيس ڏنا آهن، خدشو آهي ته کيس گرفتار ڪيو ويندو، عدالت ريمارڪس ڏنا ته جوابدار جي غير حاضري سبب کيس حفاظتي ضمانت نٿي ڏئي سگهي، آصف زرداري عبوري ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري سگهي ٿو، نيب راولپنڊي نيويارڪ فليٽس انڪوائري ۾ آصف زرداري کي طلبي جا نوٽيس جاري ڪيا هئا..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔