اٽارني جنرل آف پاڪستان صوبن ۾ پاڻي ورڇ تي تڪرار کي سياسي قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: اٽارني جنرل آف پاڪستان صوبن ۾ پاڻي ورڇ تي تڪرار کي سياسي قرار ڏئي ڇڏيو، پاڻي وسلين بابت قومي اسيمبلي جي ڪميٽي جي اجلاس دوران اٽارني جنرل طرفان رپورٽ پيش، ڪميٽي جي چيئرمين نواب يوسف ٽالپر اٽارني جنرل کان قانوني نقطن جي بنياد تي رپورٽ طلب ڪري ورتي، 91ع واري معاهدي بدران ٽه رُخي فارمولي تحت پاڻي جي ورڇ ڪندڙ ارسا چيئرمين ڪوٽڙي کان هيٺ سمنڊ ۾ پاڻي جي ڇوڙ کي ذيان قرار ڏئي ڇڏيو، ڪميٽي کي بريفنگ ۾ ارسا چيئرمين چيو آهي ته هر سال 280 ايم اي ايف پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ٿي وڃي ٿو، ڊئم ٺهن ته اهو پاڻي استعمال ڪري سگهجي ٿو، نوان ڊئم ٺهيا ته صوبا پاڻ ۾ وڙهندا رهندا، اسان کان وڌيڪ بيوقوف ڪير ناهي جو پاڻي ضايع ڪريون ٿا، پر اُن جي استعمال لاءِ ڊئم نٿا ٺاهيون، ڪميٽي جي چيئرمين نواب يوسف ٽالپر چيو ته توهان ڪنهن کي بيوقوف سڏيو، پنهنجا لفظ واپس وٺو، ارسا چيئرمين لفظ واپس وٺي ڇڏيا، ارسا ۾ سنڌ جي ميمبرز ارسا چيئرمين جي انگ اکرن کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو، سنڌ جي نمائندي زاهد جوڻيجو چيو آهي ته ارسا طرفان پاڻي بابت انگ اکر ٽوڙي مروڙي پيش ڪيا پيا وڃن، سنڌ 17 بدران 22 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، اسان کي ڪوٽا جو اضافي 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي به نٿو ڏنو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔