سنڌ حڪومت پاران افغان مهاجرن لاءِ فاٽا، ڪي پي ۽ پنجاب ۾ ڪئمپس لڳائڻ جو مطالبو

ڪراچي: سنڌ حڪومت افغان مهاجرن لاءِ فاٽا، ڪي پي ۽ پنجاب ۾ ڪئمپس لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته افغانستان مان وڏي پئماني تي پناهگير پاڪستان لڏ پلاڻ ڪري سگهن ٿا، ڪراچي سميت سموري سنڌ تي اڳ ئي پناهگيرن جو بار آهي، وڌيڪ بار برداشت نه ٿا ڪري سگهون، پناهگيرن کي ٻين صوبن ۾ ترسايو وڃي، هن چيو آهي ته افغانستان ۾ گهرو ويڙهه سبب پناهگيرن جي اچڻ جو خطرو آهي، ان ڪي بارڊر سيل ڪيا وڃن، ڪراچي ۾ اڳ ئي تيزي سان وڌندڙ آبادي جو دٻاءُ آهي، ان جي ڪري ڪراچي ۾ امن امان، بجلي، گئس، پاڻي ۽ روزگر جهڙن مسئلن جو شڪار آهي، اسماعيل راهو جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ضياءَ طرفان آندل افغاني اڃا تائين سنڌ مان واپس نه ويا، وفاق کان فنڊز نه ملڻ جي ڪري سنڌ حڪومت پهرين ئي مالي مسئلن جو شڪار آهي، هاڻي سنڌ ڪنهن جو بار برداشت نٿو ڪري سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔