نيب شرجيل ميمڻ کي سوڙهو ڪرڻ جون تياريون ڪري ورتيون

اسلام آباد: نيب پ پ ايم پي اي شرجيل ميمڻ کي سوڙهو ڪرڻ جون تياريون ڪري ورتيون، روشن سنڌ پروگرام ڪيس ۾ پ پ ايم پي اي شرجيل ميمڻ کي نوٽيسز جاري، نيب راولپنڊي طرفان کيس سڀاڻي رڪارڊ سوڌو جاچ ٽيم اڳيان پيش ٿيڻ جي هدايت، شرجيل ميمڻ گرفتاري کان بچڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ درخواست داخل، نيب جو چوڻ آهي ته شرجيل ميمڻ روشن سنڌ منصوبي ۾ رشوت وٺڻ ۽ غيرقانوني طور رقم منتقل ڪرڻ ۾ ملوث آهي، نيب راولپنڊي پهرين به طلب ڪيو، پر شرجيل ميمڻ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس سبب پيش ٿيڻ کان معذرت ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔