حليم عادل کي ڳالهائڻ نه ڏينداسين: سنڌ اسيمبلي ۾ عورت ايم پي ايز جو گوڙ ۽ واڪ آئوٽ

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ اسپيڪر حليم عادل شيخ کي استحقاق پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني ته پ پ جون عورت ايم پي ايز اٿي بيٺون ۽ گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڏنائون. پ پ پ عورت ايم پي ايز حليم عادل شيخ خلاف ايوان ۾ احتجاج ڪندي چيو ته حليم عادل شيخ اسان عورت ايم پي ايز خلاف غلط جملا ڳالھايا. اسپيڪر عورت ايم پي ايز کي ويهڻ جو چيو پر هير سوهو، سعديا جاويد،ندا کهڙو ۽ ٻيون ضد ڪري بيهي رهيون ته حليم عادل کي ڳالهائڻ نه ڏينداسين. حليم عادل جي رٿ دوران پ پ جون عورت ايم پي ايز صوبائي وزير مڪيش چاولا جي سمجهائڻ باوجود واڪ آئوٽ ڪري ويون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔