پاڪستان هڪ عظيم ملڪ بڻجڻ وڃي رهيو آهي: وزيراعظم

گوادر: وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ پاڪستان هڪ عظيم ملڪ بڻجڻ وڃي رهيو آهي، ڪوشش آهي ته بلوچستان ۽ فاٽا سوڌو پٺتي پيل علائقن ۾ ترقي ٿئي، گوادر ۾ جاري منصوبن جي وزيراعظم هائوس مان پاڻ نگراني ڪندس، وزيراعظم عمران خان گوادر ۾ جاري منصوبن بابت افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته گوادر ۾ صنعتون لڳائيندڙن کي سهولتون ڏنيون وينديون، سي پيڪ منصوبن سان بلوچستان سميت سچي پاڪستان کي فائدو ٿيندو، گوادر ۾ ٽيڪنيڪل ڪاليج ۽ جديد اسپتال سان گڏ يونيورسٽي به قائم پئي وڃي، مرڪز ۽ بلوچستان حڪومت ۾ زبردست ڪوآرڊينيشن هلي رهي آهي، گوادر ۾ پاڻي، بجلي ۽ گئس سوڌو ٻيا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا پيا وڃن، گوادر ۾ مختلف منصوبن جي افتتاحي تقريب دوران پاڪستان ۽ چين وچ ۾ معاهدن توڙي يادداشتنامن تي صحيحون ٿيون، تقريب کي خطاب دوران سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين عاصم سليم باجوده گوادر جو ماسٽر پلان منظور ٿي چڪو آهي، گوادر پورٽ سان گڏ گوادر شهر جي ترقي جو به سفر شروع ٿي چڪو آهي، سي پيڪ ساڙولن ۽ دشمنن جي نشاني تي آهي، سي پيڪ جي سرپرستي ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون، تقريب کي خطاب ۾ چيني سفير چيو آهي ته سي پيڪ پاڪستان ۽ چين لاءِ انتهائي اهم آهي، منصوبي سان سموري خطي ۾ خوشحالي ايندي، چين سي پيڪ ۾ پاڪستان سان سهڪار جاري رکڻ لاءِ پُرعزم آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔