اسان جي حامين خلاف پ پ انتقامي ڪارروايون پئي ڪري: ذوالفقار مرزا جي گورنر سنڌ سان ملاقات

ڪراچي: جي ڊي اي اڳواڻ ذوالفقار مرزا ، سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ايم پي اي حسنين مرزا به موجود هو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا بدين ۾ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني، گورنر چيو ته هو جلد وزيراعظم سان ملاقات ۾ بدين ۾ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان تجويزن کان آگاهه ڪندو. ملاقات بعد حسنين مرزا ٻڌايو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل سياسي سرپرستي سبب پوليس کان ڏاڍا ٿي ويا آھن. امن امان جي صورتحال تي گورنر کي خدشن کان آگاھ ڪيو، هن چيو ته جبري طور بجيٽ پيش ڪئي وئي، اپوزيشن ليڊر کي تقرير به نه ڪرڻ ڏني وئي، اسان جي حامين خلاف پيپلز پارٽي سرڪار انتقامي ڪاروايون ڪري پئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔