بلوچستان ۾ عسڪريت پسندن سان ڳالهيون ڪرڻ جو سوچي رهيو آهيان: وزيراعظم عمران خان

گوادر:بلوچستان ۾ عسڪريت پسندن سان ڳالهيون ڪرڻ جو سوچي رهيو آهيان: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته، ماضي ۾ حڪمرانن بلوچستان تي ڌيان نه ڏنو، بلوچستان سان وفاق ۽ صوبي جَي سياستدانن به انصاف ناهي ڪيو، گوادر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته، جيڪو پاڪستان جو سوچيندو، اُهو بلوچستان جو به سوچيندو، ان کان اڳ گوادر ۾ منصوبن جِي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته، وزيراعظم عمران خان چيو ته، افغانستان جَي پاڙيسري ملڪن سان گڏجِي افغان مسئلي جَي سياسي حل جِي ڪوشش ڪيون پيا، طالبان سان به ڳالهيون ڪنداسين، افغانستان ۾ گهرو ويڙهه ٿي ته پناهگيرن سان گڏ وچ ايشيا جَي ملڪن سان واپاري لاڳاپا به ختم ٿي ويندا، گوادر ملڪي ترقي جَي سفر ۾ مرڪز بڻجي رهيو آهي، ڪوشش آهي ته فاٽا ۽ بلوچستان سميت پٺتي پيل علائقن ۾ ترقي آڻيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔