جيالن کي حڪم ڏنو ته ڪٺ پتلي جو ۽ ووٽ کي عزت واري جو به بندوبست ڪندا: بلاول جا هڪ تير سان ٻه شڪار

ڪوٽلي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تھ وزيراعظم بزدل ۽ ڪٺ پتلي آهي، مودي تاريخي حملو ڪيو ته بزدل وزيراعظم جواب نٿو ڏئي سگهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو آزاد ڪشمير ۾ چونڊ جلسي کي خطاب، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم 5 لک ڏيڻ جو اعلان ڪري حددخلين جي نالي تي عام ماڻهن جا گهر تباهه ڪري رهيو آهي، بزدلن جي سياست ڏسو آزاد ڪشمير ۾ پ پ حملا ڪيا وڃن ٿا، مسلم ڪانفرنس ۽ ووٽ کي عزت ڏيو جي نالي تي سياست ڪندڙن کي پيغام ڏيان ٿو ته مقابلو ڪرڻو آهي ته اليڪشن جي ميدان تي ڪريو، پيپلز پارٽي توهان جيان تشدد تي يقين نٿي رکي، مون پنهنجي جيالن کي حڪم ڏنو ته توهان ڪٿان جا به نه رهندئو، آزاد ڪشمير ۾ پيپلز پارٽي عوام جي ووٽ سان حڪومت ٺاهيندي، ايم سي، ڪٺ پتلين ۽ ووٽ کي عزت ڏيو وارن جو بندوبستن ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔