اين آءِ سي وي ڊي ۾ مبينه طور غيرقانوني ڀرتين جي جاچ وسيع

ڪراچي: اين آءِ سي وي ڊي ۾ مبينه طور غيرقانوني ڀرتين جي جاچ وسيع، نيب صوبائي وزير شهلا رضا، ڄام مهتاب ڏهر، سڪندر مينڌرو ۽ سهراب سرڪي کي 12 جولائي تي طلب ڪري ورتو. ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب اين آءِ سي وي ڊي ۾ مبينه طور ڪرپشن، من پسندن کي ٺيڪا ڏيڻ ۽ جعلي ڀرتيون ڪرڻ واري ڪيس جي جاچ وسيع ڪئي وئي آهي. نيب طرفان صوبائي وزير شهلا رضا، ڄام مهتاب ڏهر، سڪندر مينڌرو ۽ سهراب سرڪي کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، جن ۾ کين هدايت ڪئي وئي ته اهي 12 جولائي تي نيب جي جاچ ٽيم آڏو پيش ٿين. نيب ذريعن موجب اين آءِ سي وي ڊي ۾ من پسند ڀرتيون ڪيون ويون، اهڙا ملازم ڀرتي ڪيا ويا، جن کي لاڳاپيل شعبي بابت تجربو نه هو يا لاڳاپيل ڊگري نه هئي. نيب ذريعن موجب اين آءِ سي وي ڊي کي گورننگ بورڊ ذريعي هلايو ويندو آهي، جاچ دوران پتو پيو ته اهڙين ڀرتين جي منظوري بورڊ آف گورننس ڏني آهي، صوبائي وزير شهلا رضا، ڄام مهتاب ڏهر، سڪندر مينڌرو ۽ سهراب سرڪي بورڊ آف گورننس جا ميمبر رهيا آهن، ان ڪري کين طلب ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل اڳواڻن کان اين آءِ سي وي ڊي ۾ ڀرتين ۽ ٺيڪن جي حوالي سان پڇاڳاڇا ڪئي ويندي. ٻئي طرف سهراب سرڪي چيو ته مون کي اڃا تائين نوٽيس نه مليو آهي، نوٽيس ملي ته پوءِ خبر پوندي. هن چيو ته اسان بورڊ جا ميمبر آهيون، ميمبر ،وٽ ايگزيڪٽو پاور نه هوندا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔