5 جولاءِ کي تاريخ ۾ هميشه ڪاري ڏينهن طور ياد ڪيو ويندو: بلاول ڀٽو

ڪراچي: بلاول ڀٽو  چيو آهي ته 5 جولاءِ کي تاريخ ۾ هميشه هڪ ڪاري ڏينهن جي طور تي ياد ڪيو ويندو. آمر جنرل ضياءَ جي سربراهي ۾ فوجي بغاوت، جمهوريت تي حملو هو، جمهوري ۽ آمريت پسند طاقتن وچ ۾ جنگ اڄ به جاري آهي.

5 جولاءِ 1977ع جي حوالي سان پيغام ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 5 جولاءِ کي آمر جنرل ضياءَ جي سربراهي ۾ فوجي بغاوت پاڪستاني عوام جي جمهوري امنگن تي سفاڪ حملو هو. ان بغاوت جي ذريعي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت هيٺ جمهوري طور چونڊيل عوامي حڪومت تي راتاهو هنيو ويو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڍاڪا جي ورهاڱي کان پوءِ ٽڪڙن ۾ ورهايل قوم کي گڏ ڪيو.

بلاول چيو ته جمهوري طور چونڊيل وزيراعظم جي حيثيت سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اتفاق راءِ سان آئين جي منظوري جي سرپرستي ڪئي. شهيد ڀٽو پاڪستان جي ميڪرو اڪانومي جي بنياد رکي. هر پاڪستاني کي شهريت ۽ پاسپورٽ جو حق ڏنو. قائد عوام ملڪ کي ايٽمي طاقت ٺاهڻ واري رستي تي گامزن ڪيو. وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو رياست کي جمهوري بنايو.

قائد عوام ڪجهه سليڪٽڊ ماڻهن کان محدود اقتدار ڦري عوام کي اختيار منتقل ڪيا ۽ کين بااختيار بنايو.  ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته اقتدار عوام کي ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو. اسان به پاڪستان جي جمهوري بقا لاءِ وڙهي رهيا آهيون. ذوالفقار علي ڀٽو اڄ به زنده آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ ۽ قوم جي حقن تي سمجهوتو ڪرڻ بجاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ کي اوليت ڏني

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔