ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ 19مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، نوان ڪيس تيزي سان وڌڻ لڳا

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ ٿيڻ لڳي آهي، جڏهن ته موذي وائرس وگهي وڌيڪ اوڻيهه مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل ڏينهن ملڪ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ لاءِ 45 هزار 245 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1347 ڄڻن ۾ وائرس جي سڃاڻپ ٿي. اهڙي طرح ڪورونا جي هاڪاري ڪيسز جي شرح 2.97 سيڪڙو رهي.

اين سي او سي موجب هينئر تائين ملڪ ۾ ڪورونا جي گڏيل ڪيسز جو انگ 9 لک 63 هزار 660 ٿي ويو آهي جن مان پنجاب ۾ 3 لک 46 هزار 852، سنڌ ۾ 3 لک 40 هزار 902، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 38 هزار 533، بلوچستان ۾ 27 هزار 419، گلگت بلتستان ۾ 6 هزار 427، اسلام آباد ۾ 82 هزار 969، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 20 هزار 558 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

گذريل ڏينهن ملڪ ۾ ڪورونا جا 650 مريض ڪورونا مان صحتياب به ٿيا آهن جنهن کان پوءِ گڏيل طور تي صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 7 هزار 934 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل ڏينهن سموري ملڪ ۾ ڪورونا جا 19 مريض فوت ٿي ويا. اهڙي طرح هينئر تائين هن موذي وبا سبب سموري ملڪ ۾ 22 هزار 427 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.  هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال  ڪيسز جو انگ 33 هزار 299 ٿي ويو آهي. جن مان هڪ هزار 894 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ٻئي طرف ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسينيشن جو عمل به جاري آهي. هينئر تائين ڪورونا جا هڪ ڪروڙ 37 لک 90 هزار 346 خوراڪون لڳايون ويون آهن. 33 لک 63 هزار 490 ماڻهن کي ڪورونا جون ٻئي خوراڪون ڏنيون ويون آهن. جڏهن ته هڪ ڪروڙ 49 لک 26 هزار 856 کي هڪ خوراڪ ڏني وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔