افغانستان جي صورتحال تي مسلسل نظر آهي، پاڪستان ۾ اڳ ئي 30 کان 40 لک افغان پناھگير موجود آھن:شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آھي تھ پي ڊي ايم ٺُس ٿي وئي، ڪشمير جي چونڊن کانپوءِ پي ڊي ايم پنهنجي سائيز ۾ اچي ويندي، ڪشمير جي چونڊن کانپوءِ حالتون تبديل ٿي رهيون آهن، ڪشمير جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ لاءِ ووٽ ڪرڻ واري آڊيو منهنجي آهي، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تھ افغانستان جي صورتحال تي مسلسل نظر آهي، طالبان ۽ افغان سرڪار پاڻ ۾ گڏجي معاملو حل ڪن ته پاڪستان کي خوشي ٿيندي، پاڪستان ۾ اڳ ئي 30 کان 40 لک افغان پناهگير موجود آهن، چمن ۽ طورخم سرحد تي ايف آءِ اي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي، پاڪ – افعان سرحد تي ڪنڊيدار تارون رکڻ وارو ڪم جلد مڪمل ڪيو ويندو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته پهرئين ڏينهن آگاهه ڪري ڇڏيو هو ته لاهور ڌماڪي ۾ ڀارتي ايجنسي را ملوث آهي، ڀارتي ايجنسي را ۽ اُن جي ماتحت ادارا دهشتگردي کان پاسو ڪن، ڪشمير بابت 5 آگسٽ واري قدم جي واپسي تائين ڀارت سان لاڳاپا بحال نه ٿيندا..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔