سموري سنڌ ۾ ٻن هفتن کان پوءِ سي اين جي اسٽيشن کلي ويا، قيمتن ۾ 17 روپيه ڪلو واڌ

ڪراچي: ڪراچي، سکر ۽ حيدرآباد سميت سموري سنڌ جا سي اين جي اسٽيشن ٻن هفتن کان پوءِ کلي ويا آهن پر سي اين جي مافيا سي اين جي قيمتن ۾ 17 روپيه في ڪلو واڌ ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب سموري سنڌ ۾ اڄ پندرنهن  ڏينهن کان پوءِ سي اين جي اسٽيشن کلي ويا آهن ۽ ٽرانسپورٽرن جي وڏي رش سي اين جي اسٽيشن ٻاهران گڏ ٿي وئي آهي. جڏهن ته 15 ڏينهن کان پوءِ ملندڙ سي اين جي 17 روپيه في ڪلو مهانگي ڪئي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سي اين جي مافيا سي اين جي قيمت ۾ 17 روپيه في ڪلو واڌ ڪري ڇڏي آهي ۽ 123 روپيه في ڪلو ۾ ملندڙ سي اين جي هاڻ 140 روپيه ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي ۽ سي اين جي ۾ واڌ سبب پبلڪ ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا به وڌڻ جو امڪان آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته آل پاڪستان سي اين جي ڊيلرز ايسوسيئيشن قيمت نه وڌائڻ جو يقين ڏياريو هو ۽ ان سبب قيمت وڌائڻ جي بجاءِ ڪاروبار بند ڪرڻ کي اوليت جي ڳالهه ڪئي وئي هئي پر سي اين ڊيلرز ٽيڪس ۽ ڊيوٽي جو سمورو وزن شهرين مٿان وجهي ڇڏيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔