نوشهرو فيروز ۾ ڦل ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ، 4 ڄڻا قتل

نوشهرو فيروز: ڦل ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٽي ڄڻا قتل ٿي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، جيڪو بھ زخمن جا سور نھ سھندي فوت ٿي ويو، هاشم ڦل ڳوٺ جي سامهون روڊ تي نامعلوم هٿياربندن طرفان ڪار سوارن تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار روڊ کان هيٺ سم نالي ۾ ڪري پئي ۽ 3 ڄڻا موقعي تي ئي مارجي ويا، جن ۾ عطا محمد وڳڻ، صدام وڳڻ ۽ ڦل شهر جو ڊرائيور شامل آهي، جڏهن ته اميد علي وڳڻ زخمي ٿي پيو، مارجي ويلن جا لاشڪ زخمي کي نوشھروفيروز اسپتال نيو ويو، مقتول ۽ زخمي درياخان مري واسي آهن، واقعو ذاتي دشمني تان پيش اچڻ جا چؤٻول هلي رهيا آھن، مقتولن جي وارثن جو چوڻ آهي عطا محمد، صدام عدالت ۾ پيشي بعد واپس اچي رهيا هئا ته مٿن مري برادري جي ماڻھن فائرنگ ڪئي. جڏھن تھ زخمي ڊرائيور فوت ٿي ويو، مارجي ويلن جو انگ 4 ٿي ويو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔