فلپائني فوجي جهاز حادثي جو شڪار، گهٽ ۾ گهٽ 29 فوت

منيلا : ڏکڻ فلپائن ۾ هڪ فوجي جهاز ڪِرڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 29 ڄڻا فوت ٿي ويا.
حادثي جو شڪار جهاز ۾ 95 ڄڻا سوار هئا، جن مان 50 مسافرن کي بچايو ويو، جڏهن ته ٻين جي ڳولا جاري آهي.
فلپائني فوج جي سربراهه موجب اهو جهاز خولو ٻيٽ تي ڪِريو آهي، امدادي ڪارروائي ڪندي 50 مسافرن کي بچايو ويو، جن مان گهڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
جهاز ۾ گهڻو انگ فوجين جو هو، جن جي تربيت تازو مڪمل ٿي هئي ۽ کين خولو ٻيٽ تي مقرر ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔