انگلينڊ جي ٽيم 25 ورهين کانپوءِ يورو ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي

روم : انگلينڊ جي ٽيم 25 ورهين کانپوءِ يورپي فٽبال چيمپيئن شپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي.
گذريل رات روم ۾ کيڏيل ڪوارٽر فائنل ۾ انگلينڊ جي ٽيم يوڪرائن کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ چئن گولن سان شڪست ڏني.
ايونٽ جو پهريون سيمي فائنل اٽلي ۽ اسپين وچ ۾ 7 جولاءِ، جڏهن ته ٻيو سيمي فائنل انگلينڊ ۽ ڊنمارڪ وچ ۾ 8 جولاءِ تي کيڏيو ويندو.
يورو ڪپ جي فاتح جو فيصلو 12 جولاءِ تي ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔