وئڪسين لڳرايو پورو سال مفت ۾ گوشت کائو

واشنگٽن: آمريڪا هجي يا پاڪستان دنيا ۾ هر هنڌ وئڪسين کان ڀڄڻ وارا ماڻهو موجود آهن. هڪ آمريڪي ڪمپني عوام کي هڪ آڇ ڪئي آهي ته وئڪسين لڳرايو ۽ پورو سال مفت ۾ گوشت حاصل ڪيو. آمريڪا ۾ گوشت جي فراهمي ڪندڙ هڪ ڪمپني جي بي ايس ايس اي اعلان ڪيو آهي ته وئڪسين لڳندرائيندڙ 50 خاندان کي هڪ سال تائين مفت ۾ گوشت ڏنو ويندو. ڪمپني جو چوڻ آهي ته اسان کين مرغي، ڳئون، مينهن ۽ ٻيو سندن من پسند گوشت فراهم ڪنداسين. ياد رهي ته انهي ڪمپني تي پهريان به عوام پاران تمام گهڻي تنقيد ڪئي وئي هئي. تنقيد جو ڪارڻ ڪمپني ۾ گوشت پيڪ ڪندڙ هزارين ملازمن کي ڪورونا ٿي هئي. جنهن سبب حڪومت انهي ڪمپني کي بند ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو هو. جنهن جي ڪري هن ڪمپني کي تمام گهڻو نقصان پهتو هو . جنهن بعد ڪمپني اعلان ڪيو هو ته 66 هزار ڪم ڪندڙ مان 70 سيڪڙو ورڪرن کي وئڪسين لڳرائي وئي آهي. هاڻي انهي ئي ڪمپني اهو اعلان ڪيو آهي ته وئڪسين لڳرائيندڙ عام ماڻهو کي مفت ۾ پورو سال گوشت فراهم ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔