ملڪ ۾ شهرن اندر جانورن جي خريداري ۽ وڪري تي پابندي لاڳو

اسلام آباد : نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) شهرن ۾ جانورن جي خريد ۽ وڪري تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
اين سي او سي چيو آهي ته سڀني صوبن کي تفصيلي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ۽ انهن هدايتن موجب چوپائي مال جون پڙيون شهرن کان ٻاهر لڳايون وينديون.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب چوپائي مال جي پڙين ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي، جڏهن ته سموري اسٽاف ۽ واپارين کي ڪورونا خلاف ويڪسين لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
اين سي او سي چيو آهي ته انتظاميا کي پڙين ۾ شرڪت ڪندڙن لاءِ سينيٽائزر ۽ ماسڪ جو استعمال يقيني بڻائڻ جو چيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔