ميڊيڪل ڪاليجز ۾ 60 سيڪڙو کان گهٽ مارڪون رکندڙن کي داخلا نه ملندي، عدالتي فيصلو

ڪراچي: ميڊيڪل ڪاليجن ۾ 60 سيڪڙو کان گهٽ مارڪون رکندڙن جي داخلا واري ڪيس ۾ سنڌ هائيڪورٽ فيصلو ٻڌائيندي چيو آهي ته 60 سيڪڙو کان گهٽ مارڪون رکندڙ داخلا لاءِ اهل نٿا ٿي سگهن. پي ايم سي جي وڪيل چيو هو ته ميڊيڪل ڪاليجز ۽ يونيورسٽيون 60 سيڪڙو کان گهٽ مارڪون رکندڙ اميدوارن کي داخلائون نٿي ڏئي سگهي، جڏهن ته درخواست گذاري جي وڪيل جو چوڻ هو ته اهو شرط غيرقانوني آهي. عدالت چيو ته اسٽي ملڻ جي صورت ۾ گهٽ مارڪون رکندڙ اميدوار داخلائون حاصل ڪري ويندا، بعد ۾ ڪيس خارج ٿيڻ جي صورت ۾ افراتفري مچي ويندي. ميڊيڪل ۾ داخلا جو معيار ڪرڻ سان طب جي شعبي جو معيار ڪرندو، جيڪي اميدوار داخلا چاهين ٿا سي پنهنجو تعليمي معيار وڌائن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔