آئون گرفتار ۽ جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آھيان: سعيد غني

ڪراچي : سومر تي 2-3 جوڙن سان گڏ نيب آفيس ويندس، آئون گرفتار ۽ جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهيان، ضمانت به نه ڪرائيندس، نيب کي اندازو ناهي ته آئون ڪهڙي مٽي جو ٺهيل آهيان، اُميد ته نيب وارا مون کي پاڻ وٽ ويهاري ڇڏيندا ۽ مون تي لڳايل الزامن تي پُڇاڳاڇا ڪندا، صوبائي وزير سعيد غني نيب جي پريس رليز تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته نيب جي لاڏلن خلاف ڳالهائڻ تي ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون، حليم عادل شيخ جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ته نيب منهنجي پويان لڳي وئي ۽ جاچ جون ڌمڪيون ڏنيون، مون کي ڪا به پرواهه ناهي، نيب ٻڌائي ته ثبوت هجڻ باوجود حليم عادل شيخ کي گرفتار ڇو نه ٿو ڪيو وڃي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته ارباب رحيم جنهن به پارٽي ۾ ويو، اُن کي تباهه ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ ۾ رهيل ٿوري گهڻي ڪسر به ارباب رحيم ڪڍي ڇڏيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔