آصف زرداري جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ 33 ارب رپيا وصول ٿي چڪا: فواد چوڌري

اسلام آباد: سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ هن وقت تائين 33 ارب روپيا وصول ٿي چڪا آهن، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته آصف زرداري جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ قومي احتساب بيورو (نيب) هن وقت تائين 33 ارب روپيا وصول ڪري چڪو آهي، وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته وصول ڪيل رقم تقريبن 20 ڪروڙ ڊالر بڻجي ٿي، پر اصل ڪيس 5000 ارب روپين جي لڳل ڀڳ آهي، فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته هن وصولي سان اندازو لڳايو ته ملڪ ۾ ڪرپشن جي ڪيتري سطح رهي آهي ۽ حڪمرانن سنڌ ۽ پاڪستان کي ڪيئن لٽيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔