بجيٽ جي منظوري بعد پي ٽي آءِ تماشو ڪيو، اسپيڪر کي انتهائي غيرمناسب رويي تي ايڪشن کڻڻ جو حق آهي:وڏو وزير

اسلام آباد : وڏي وزير مراد علي شاھ چيو آھي تھ بجيٽ جي منظوري بعد پي ٽي آءِ تماشو ڪيو، اسپيڪر کي انتهائي غيرمناسب رويي تي ايڪشن کڻڻ جو حق آهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي پابندي پيل ميمبرز سنڌ اسيمبلي ۾ زوري داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس ۽ انتظاميا سان بدتميزي ڪئي وئي، اسيمبلي ميمبر کي اهڙيون حرڪتون نٿيون سونهن، حڪومت چاهي ٿي ته اسيمبلي جي ڪارروائي هلي، گذريل ڏينهن واري اجلاس ۾ 5 مان 3 اپوزيشن پارٽيز موجود هيون، پي ٽي آءِ وارا پاڻ ئي ٻڌائي سگهن ٿا ته سندن مقصد ڪهڙا آهن؟. سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين تي نوري آباد پاور پلانٽ ريفرنس ۾ فرد جرم جِي ڪارروائي 28 جولاءِ تي ملتوي ڪئي وئي آھي، اسلام آباد جِي احتساب عدالت ۾ ڪيس جِي ٻڌڻي دروان وڏو وزير مراد علي شاهه پيش ٿيو، ريفرنس ۾ شريڪ جوابدارن جِي غير حاضري سبب فرد جرم واري ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي، عدالت ريمارڪس ڏنا آهن ته ايندڙ ٻڌڻي تي پيش نه ٿيندڙ جوابدار جا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيندا، اشتهاري جوابدار محمد علي جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو عمل شروع، نيب اختيارين عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔