”شاهه محمود قريشي جا آءِ ايس آءِ کان فون ٽيپ ڪرايا وڃن!“ بلاول ڀٽو

اسلام اباد: قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وفاقي وزير شاهه محمود قريشي جي تقرير جي جواب ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو تقرير ڪندي کيس ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو. بلاول ڀٽو چيو ته جيترو اسان کيس سڃاڻون ٿا توهان سڃاڻو ئي نٿا، هاڻي خانصاحب کي پتو پوندو ته هي ڪهڙي شيءِ آهي.هو پنهنجو آواز ٻڌڻ چاهي ٿو وزيراعظم جي ڳالهه نٿو ٻڌڻ چاهي. بلاول شاهه محمود قريشي جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته فاضل ميمبر ملتان انهي پارٽي تي تنقيد ڪئي جنهن کيس پرڏيهي وزير بڻايو، جنهن پنجاب جو صدر بڻايو توهان خانصاحب کي ٻڌايو ته هن ماڻهو کي سڃاڻي، مان ته ننڍپڻ کان هن کي ڏسندو پيو اچان، هن کي پنهنجي وزارت بچائڻ لاءِ اگلي باري ڦر زرداري جا نعرا هڻندي ڏسندو رهيو آهيان. هاڻ ڏسجو ته هي توهان جي وزيراعظم سان ڇا ٿو ڪري؟ بلاول چيو ته هي اهو پرڏيهي وزير آهي جيڪو ڪشمير جي سودي ۾ ملوث آهي، هن وقت جڏهن امريڪا افعانستان مان نڪري رهيو آهي، پاڪستان جي اسٽريٽجڪ پوزيشن انتهائي اهم آهي، هن کي هتي تقرير ڪرڻ بدران صدر بائيڊن جي فون ڪال جو بندوبست ڪرڻ گهرجي، پوري ملڪ جي بي عزتي ٿي رهي آهي، اسان لاءِ شرمندگي جو سبب آهي ته اسان جو وزيراعظم ايتري اهميت ئي نٿو رکي جو هن کي هڪ فون ڪال اچي. اهو ڪم پرڏيهي وزير جو آهي پر هن کي رڳو پنهنجو آواز بڌڻ جو ايترو شوق آهي جو هو هن حڪومت لاءِ خطرو بڻيل آهي. بلاول چيو ته هن ڏکڻ پنجاب جي پوري اتحاد سان پي ٽي آءِ جي مهم هلائي.صوبي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو. هاڻي سيڪريٽريٽ ڏئي اعلان ڪري چڪو آهي ته ايندڙ اليڪشن ئي نه وڙهندس. ان ڪري نه وڙهندو جو صوبو نه ڏئي سگهيو، هن جي پنهنجي وزيراعظم ايتري بي عزتي ڪري ڇڏي آهي جو هو ان قابل ئي ناهي جو پنهنجي علائقي ۾ منهن ڏيکاري سگهي. بلاولڀٽو چيو ته وزيراعظم آءِ ايس آءِ کي چوي ته سندس فون ٽيپ ڪري، هي جڏهن اسان جو پرڏيهي وزير هو ته دنيا ۾ مهم هلائيندو هو ته يوسف رضا گيلاني کي نه پر مونکي وزيراعظم بڻايو وڃي، ان ڪري ئي کيس وزارت تان هٽايو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔