ڏوهن خلاف پوليس جي مدد ڪندڙ روبوٽ ڪتو متعارف ڪرايو ويو

نيويارڪ: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ ڪيترن ئي نسلن جا طاقتور ڪتا جاچ عمل ۽ ڏوهه سان وڙهڻ جي لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن. پر تازو ئي ڏوهن کي روڪڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي سان روبوٽ ڪتو متعارف ڪرايو ويو آهي.هي روبوٽڪ ڪتو موبائل ريموٽ آبزرويشن ڊيوائس جي حيثيت سان ڪم ڪندو. آمريڪا جي ميساچوسٽس اسٽيٽ پوليس تازو ئي ڳجهي طور تي بوسٽن ڊائنامڪس جو تجربو ڪيو آهي جنهن تحت روبوٽڪ ڪتي کي ڏوهن جي خلاف وڙهڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي جانچ ڪئي پئي وڃي.ان حوالي سان ميساچوسٽس پوليس جو چوڻ آهي ته هي روبوٽ هٿيارن سان ليس ناهي پر هي ڪم ايندڙ مقصدن ۾ استعمال ڪري سگهبو. جن ۾ شڪي ماڻهن کي لڪل جڳهه تان ڳولڻ، شڪي شين جي جاچ ڪرڻ ۽ ڏوهارين کي ڳولڻ آهي. هن روبوٽ ڪتي کي اهڙين حالتن ۾ استعمال ڪري سگهبو جيڪي انسان جي لاءِ خطرناڪ هجن يا پنهنجي روبوٽڪ ٻانهن ۽ پرسپيشن سينسر جي مدد سان شين کي ڳولڻ، جوڙتوڙ ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪندو.پوليس ترجمان جو خيال آهي ته ڏوهن سان وڙهڻ جي لاءِ هي روبوٽ ٽيڪنالاجي فائديمند ٿيندي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي لاءِ روبوٽ ٽيڪنالاجي هڪ قيمتي ذريعو آهي. بوسٽن ڊائنمڪس سپاٽ ايندڙ 5 کان 10 سالن ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ايجنسين جي فرسٽ رسپانڊنگ ٽيمن جو حصو هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔