مئل هرڻ جي پيٽ مان 7 ڪلو پلاسٽڪ ڪڍيو ويو

بينڪاڪ : ٿائيلينڊ جي شهر بينڪاڪ جي نيشنل پارڪ ۾ هڪ مرڻ مئل حالت ۾ هٿ ڪيو ويو جنهن جي پيٽ مان 7 ڪلو پلاسٽڪ ۽ ٻيون شيون ڪڍيون ويون.ترجمان موجب مئل هرڻ جي پيٽ مان ڪپڙا، پلاسٽڪ بيگ، ڪافي جا ساشي ۽ اهڙي طرح جو ٻيو ڪچرو ڪڍيو ويو. آخن ستهان نيشنل پارڪ جي ڊائريڪٽر ڪريانگساڪ تهنومپن ٻڌايو ته مئل هرڻ ڪيترن ئي سالن کان پلاسٽڪ جون شيون کائي رهيو هو.ترجمان کي شڪ آهي ته ان پلاسٽڪ هرڻ جي جسم جو ايليمينٽري ڪينال بند ڪري ڇڏيو هو پر هرڻ جي موت جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي پارڪ ۾ گهمڻ ڦرڻ جي لاءِ ايندڙن کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي جيڪي پارڪ ۾ ڪچرو ڦهلائيندا آهن.واضح رهي ته ٿائيلينڊ هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي پلاسٽڪ بيگز جو تمام گهڻو استعمال ڪيو ويندو آهي ان کان اڳ به ٿائيلينڊ ۾ پاڻي جو جانور ڊوگانگ پلاسٽڪ کائڻ سبب مئو هئو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔