آمريڪا سان امن ۾ حصيدار آهيون، جنگ ۾ نه!: وزير اعظم عمران خان

اسلام آبد: وزير اعظم عمران خان قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ پنهنجي خطاب ۾ اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا سان امن جو حصو بڻجي سگهون ٿا پر جنگ جو نه، اسان افغانستان ۾ امن چاهيون ٿا ۽ اهو اسان جي مفاد ۾ آهي.
وزيراعظم عمران خان قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪيو ۽ سندس تقرير هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهي.پنهنجي خطاب جي شروعات ۾ اپوزيشن کي چونڊ سڌارن بابت ڳالهين جي دعوت ڏني ، هن چيو ته 1970 کان ملڪ ۾ چونڊون تمام تڪراري رهيون آهن. هن چيو ته اسان اليڪشن کي قابل قبول بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ، اسان سڌارا ڪيا آهن جن تي اڃا تائين بحث نه ٿيو آهي ۽ وقت اچي ويو آهي ته چونڊون وڙهن، پر فڪر نه هجي ته مونکي ڌانڌلي سان هارايو ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن اي وي ايم مشين استعمال ڪئي وڃي ته پوءِ سڀ نتيجا پولنگ جي ختم ٿيڻ بعد اچي ويندا آهن ، جيڪڏهن اسان سڌارا نه ڪيا ته پوءِ هر اليڪشن ۾ اها صورتحال هوندي. بجيٽ جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته آئون ناڻي واري وزير شوڪت ترين ۽ سندس سموري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو جن منهنجي نظرئي موجب بجيٽ تيار ڪيو. هن چيو ته مشڪل فيصلن سان عوام کي سخت تڪليف ٿي، هاڻي ماڻهو مشڪل ۾ آهن ،هن چيو ته 12 ملين خاندانن کي سڌي سبسڊي ڏني ويندي ، اها سبسڊي اٽو ،گيهه، کنڊ وغيره تي دستياب هوندي ، يوٽيلٽي اسٽورز تي ڊيٽا دستياب هوندو جڏهن ته 90،000 انڊر گريجوئيٽ شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني ويندي ، پوري ملڪ ۾ پناهگاهن جو نيٽ ورڪ ٺاهبو. اپوزيشن بينچز ڏانهن نهاريندي وزيراعظم چيو ته جڏهن هو اپوزيشن ۾ هو ،ته ملڪ دهشتگردي خلاف آمريڪي جنگ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو هو، جيڪا اسان جي بيوقوفي هئي. هن چيو ته آمريڪي جنگ سان هڪ سئو پنجاهه بلين ڊالر جو نقصان ٿيو ، 70 هزار ماڻهو شهيد ٿيا ، آمريڪي جيڪي چوندا رهيا، مشرف ڪندو رهيو، مشرف ڪتاب ۾ لکيو ته پيسا وٺي ماڻهن کي امريڪا حوالي ڪيو.ڊرون حملن جي حوالي سان ، وزيراعظم چيو ته هڪ دهشتگرد 30 سالن کان برطانيه ۾ ويٺو آهي ، ڇا برطانيه ڊرون حملن جي اجازت ڏئي سگهندو؟ آمريڪا اسان جو دوست آهي ۽ اسان جي ملڪ ۾ ڊرون حملا ڪندو رهيو، مون ان جي مخالفت ڪئي ته مونکي ’طالبان خان‘ سڏيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته مائڪ مولن کليل ٻڌني ۾ چيو ته امريڪا پاڪستاني حڪومت جي اجازت سان ڊرون حملا ڪري رهيو آهي ، پاڪستان جي حڪومت پنهنجي عوام سان ڪوڙ ٿي ڳالهائي. عمران خان وڌيڪ چيو ته ان وقت اسان کي خبر نه هئي ته اسان جو دوست ڪير آهي ۽ ڪير دشمن آهي، ٻنهي طرف پاڪستاني ماريا پئي ويا، ڇا ڪو دوست ملڪ پنهنجي اتحادي ملڪ تي بمباري ڪري سگهي ٿو؟هن چيو ته آمريڪا افغانستان ۾ جنگ نه کٽي رهيو هو ، اسان کي برو ڀلو چيو ويو ، اسان تي افغان مسئلي ۾ ٻٽي معيار جو الزام لڳايو ويو ، وزيراعظم عمران خان چيو ته مونکان پڇيو ويو ته ڇا امريڪا کي اڏا ڏيندو؟ اسان جو افغانستان ۾ ڪوبه فيورٽ ناهي. اسان صرف افغانستان ۾ امن چاهيون ٿا ، اهو اسان جي مفاد ۾ آهي ، اسان انهن سان گڏ آهيون ، پاڪستان پنهنجي خودمختاري تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪندو ، آمريڪا سان امن ۾ حصيدار آهيون، جنگ ۾ نه!

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔