اپوزيشن جي ڳالهين سان اتفاق ڪريان ٿو، بجيٽ کي بهتر بنائڻ گهرجي: شوڪت ترين

اسلام آباد: ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو آهي ته مان اپوزيشن جي  ڳالهين سان اتفاق ڪريان ٿو اسان کي بجيٽ بهتر طريقي سان مينيج ڪرڻ گهرجي.

سپليمينٽري گرانٽس بابت قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو ته ضمني گرانٽس جي حوالي سان مان آئين جو حوالو ڏيان ٿو. ضمني گرانٽس جي حوالي سان اسان قائدن تي عمل ڪندا آهيون. 2012-13 ۾ 1300 ارب روپين کان وڌيڪ جو ضمني بجيٽ پيش ڪيو ويو. 2013-14 ۾ پنج هزار ارب روپين کان وڌيڪ جي ضمني گرانٽس آندي وئي. پوئين دور ۾ به اهوئي آئين هو جنهن جو حوالو هاڻ ڏنو ويو.

ناڻي واري وزير چيو ته سپليمينٽري گرانٽس تحريڪ انصاف جي حڪومت شروع ناهي ڪئي. حڪومت سپليمينٽري گرانٽ پهريان اي سي سي پوءِ ڪابينه کان منظور ڪرائيندي آهي. هڪ ٻئي مٿان تنقيد جو رواج ختم ٿيڻ گهرجي. مان اپوزيشن جي ڳالهين سان اتفاق ڪريان ٿو. اسان کي بجيٽ کي بهتر مينيج ڪرڻ گهرجي.

شوڪت ترين ٻڌايو ته 2019-20 ۾ وزيراعظم هائوس کي 8 ارب روپيه ضمني گرانٽ ڪورونا ريليف پيڪيج ڏنو ويو. هاڻ قومي اسيمبلي اسٽاف کي 3 اعزاز ڏيڻ جي وزيراعظم کي سفارش ڪئي آهي. بجلي جي مد ۾ 260 ارب روپين جي سبسڊي ڏني وئي. 20 بلين ايڪسپورٽر کي ري فنڊ ڏنو ويو. ڊي ايل ٽي جا پراڻا بل ادا ڪيا ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔