احسن اقبال شهباز شريف بابت بلاول جو بيان ٻاراڻو قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف بابت ڏنل بيان کي ٻاراڻو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. 

پارليامينٽ هائوس جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي(ن) ليگ جي قومي اسيمبلي ميمبر جو چوڻ هو ته اپوزيشن جو ڪم هوندو آهي ته حڪومتي بجيٽ جي نقصن جي نشاندهي ڪري. اپوزيشن جي نشاندهي تي ساڍا 300 ارب جو ٽيڪس واپس ورتو ويو. حڪومتي پاليسين کي تنقيد جو نشانو بنائيندي احسن اقبال چيو ته مهانگائي ۾ سڀني کان اهم ڪردار پيٽروليم شين جون قيمتون وڌڻ جو هوندو آهي هي بازيگر قوم کي وڌيڪ ڌوڪو ڏيندا.

احسن اقبال جو چوڻ هو ته هن حڪومت سمورن ادارن سان گڏ هائر ايجوڪيشن ڪميشن کي به تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي سربراهه کي ان لاءِ هٽايو ويو هو ته هو حڪومت جي ڪرپشن کي روڪي رهيو هو. هن جو چوڻ هو ته هن حڪومت سمورن منصوبن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن حڪومت کي بجيٽ ۾ ايترا يو ٽرن وٺڻا پيا آهن.

هن حڪومت پي آءِ اي، ريلوي سڀني کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پاران شهباز شريف مٿان تنقيد جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي احسن اقبال چيو ته مان بلاول ڀٽو ڀٽو جي بيان کي ٻاراڻو سمجهان ٿو. سڀني کي خبر آهي ته شهباز شريف کي پنهنجي سئوٽ جي تدفين ۾ وڃڻو پيو جنهن سبب هو قومي اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔