ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو فيصلو پڙهي مٿو چڪرائجي ويو آهي!: فواد چوڌري

اسلام آباد : اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ٽڪ ٽاڪ تي پابندي ۽ نيشنل بينڪ جي صدر کي هٽائڻ بابت عدالتي فيصلو پڙهي سندس مٿو چڪرائجي ويو آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري لپ سنڪنگ ايپ ٽڪ تاڪ تي پابندي واري عدالت جي فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته هي اسان جون عدالتون ڇا ڪري رهيون آهن؟ فواد چوڌري چيو ته ٽڪ ٽاڪ تي پابندي ۽ نيشنل بينڪ جي صدر کي هٽائڻ وارو عدالتي فيصلو پڙهڻ کانپوءِ هو چڪرائجي ويو آهي.وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن عدالتي سڌارا نه ڪيا ويا ته ملڪ ڪڏهن به معاشي بحران مان نه نڪرندو ، اڳ ئي ملڪ اهڙي عدالتي فعاليت جي هٿان اربين ڊالر جو خسارو برداشت ڪري رهيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔