قومي اسيمبلي اجلاس: شاهه محمود قريشي کي تقرير جِي دعوت ڏيڻ تي اپوزيشن جو احتجاج

اسلام آباد : قومي اسيمبلي اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي تقرير جِي دعوت ڏيڻ تي اپوزيشن جو احتجاج، پرڏيهي وزير جي خطاب دوران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ايوان مان هليو ويو، شاهه محمود قريشي چيو ته بلاول ڀٽو ڪيڏانهن ويو، کيس ايوان ۾ واپس آڻيو، بلاول ڀٽو ميدان تي اچي ۽ اسان جي ڳالهه ٻُڌي، اپوزيشن جي گوڙ ۽ احتجاج تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ويهي رهيو، بعد ۾ اسپيڪر جي يو آءِ (ف) جي ايم اين اي مولانا اسعد محمود کي تقرير جي دعوت ڏني، شاهه محمود قريشي جي تنقيد بعد بلاول ايوان ۾ واپس اچي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔