سنڌ ۾ ڪورونا وگهي 24 مريض فوت، 622 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 622 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، جڏهن ته 24 مريض فوت ٿيا. اهڙي ريت صوبي ۾ فوتين جو انگ وڌي 5464 ٿي ويو آهي. اڄ وبا مان وڌيڪ 399 مريض صحتياب ٿيا، جنهن بعد صحتياب ٿيندڙن جو انگ 312736 تائين پهچي ويو آهي. هن وقت 19457 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 530 مريضن جي حالت نازڪ ۽48 مريض وينٽيليٽر تي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔