ٽيڪس نه ڏيندڙ هاڻي جيل جي حوالي ٿيندا: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا ۾ سڀ کان گهٽ پاڪستان ۾ ٽيڪس ڏنو وڃي ٿو، 22 ڪروڙ آبادي مان مشڪل سان 22 لک ماڻهو ٽيڪس ڏين ٿا. انهن پيسن مان انفراسٽرڪچر، تعليم، صحت ڪيئن ٿا ٺيڪ ٿي سگهن؟ هينئر سڀ ايم اين ايز مون وٽ 500 ارب رپين جا منصوبا کڻي آيا ته جڏهن پيسا ئي ناهن ته ڪٿان منصوبا ٺهندا؟ پيسا تڏهن ايندا جڏهن عوام ٽيڪس ڏيندو. حڪومت پاران خرچ گهٽايا پيا وڃن، ٻن سالن کان فوج پنهنجي بجيٽ فريز ڪري ڇڏي آهي. اسان پوري ڪوشش ڪئي آهي، هاڻ قوم کي اڳيان اچڻو پوندو، جيئن زڪوات خيرات ڏني وڃي ٿي تيئن ٽيڪس به ڏيڻو پوندو. اسان کي ٽيڪس مد ۾ 6 هزار رپيا گڏ ڪرڻا آهن، اسان فيصلو ڪيو آهي ته ناڻي واري وزارت هيٺان ڪميٽي ٺهندي جيڪي ٽيڪس نه ڏيندڙ هوندا تن کي جيل ۾ وڌو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔